رياض ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سميت 14 ملڪن باب المندب، بحيره احمر (ريڊ سي) ۽ خليج عدن ۾ واپاري جهازن، تيل بردار ٽينڪرن ۽ سامونڊي تنصيبات جي تحفظ لاءِ مجوزه گھڻ ملڪي سامونڊي دفاعي اتحاد جي قيام جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته هن اتحاد جي قيادت سعودي عرب ڪندو.
سعودي ميڊيا موجب، سعودي وزارت دفاع جي ميزباني هيٺ ٿيل اجلاس ۾ 43 ملڪن جي فوجي سربراهن، سندن نمائندن ۽ يورپي يونين جي وفد شرڪت ڪئي، جتي بين الاقوامي سامونڊي رستن جي سلامتي ۽ وڌندڙ سامونڊي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تجويز ڪيل اتحاد تي تفصيلي غور ڪيو ويو.
اجلاس ۾ واپاري جهازن، تيل بردار ٽينڪرن ۽ سامونڊي تنصيبات تي وڌندڙ حملن، عالمي واپاري رستن، سپلائي چين ۽ عالمي معيشت کي درپيش خطرن تي ڳڻتي ظاهر ڪندي گڏيل دفاعي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي زور ڏنو ويو.
شرڪت ڪندڙن اتحاد جي مجوزه چارٽر، تنظيمي ڍانچي، ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم، آپريشنل طريقيڪار ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
مجوزه اتحاد جو مقصد باب المندب، بحيره احمر ۽ خليج عدن ۾ سامونڊي خطرن کي گڏيل طور منهن ڏيڻ ۽ سامونڊي سلامتي لاءِ هڪ مضبوط ادارتي نظام قائم ڪرڻ آهي.
اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سعودي عرب هن اتحاد جو باني ۽ اڳواڻ ملڪ هوندو، جڏهن ته اتحاد جو مستقل هيڊڪوارٽر پڻ سعودي عرب ۾ قائم ڪيو ويندو.
سعودي عرب واضح ڪيو ته هي اتحاد هڪ کليل بين الاقوامي دفاعي قدم آهي، جنهن ۾ اهي سڀئي ملڪ شامل ٿي سگهن ٿا، جيڪي ان جي مقصدن ۽ اصولن سان اتفاق ڪن ٿا.
اجلاس جي پڄاڻي تي پاڪستان، سعودي عرب، ڪويت، بحرين، قطر، ترڪيه، مصر، اردن، يمن، بنگلاديش، نائجيريا، سوڊان، جبوتي ۽ صوماليا سميت 14 ملڪن گڏيل اعلاميي ذريعي مجوزه سامونڊي دفاعي اتحاد جي حمايت جو اعلان ڪيو، جڏهن ته ٻين شرڪت ڪندڙ ملڪن پڻ مستقبل ۾ اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.
شرڪت ڪندڙن ان عزم جو به ورجاءُ ڪيو ته اتحاد جي قيام جا باقي مرحلا جلد مڪمل ڪيا ويندا، جيئن عالمي سامونڊي واپاري رستن، بين الاقوامي تجارت ۽ علائقائي توڙي عالمي سلامتي کي وڌيڪ مؤثر بڻائي سگهجي.


