تلهار (صابر حسين لغاري): تلهار جي وارڊ نمبر 11، ريلوي ڪالوني ڀرسان هڪ نامعلوم نوجوان جو لاش هٿ آيو آهي.
علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو، جنهن بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
رهواسين موجب، فوت ٿيل نوجوان ڪيترائي سال اڳ تلهار آيو هو، پر سندس اصل سڃاڻپ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهي آهي. علائقي جا ماڻهو کيس “انا”جي نالي سان سڏيندا هئا.
پوليس موجب، لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي ۽ سڃاڻپ لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


