ميهڙ: مبينا گرفتاري بعد گم ٿيل سيڪيورٽي فورس اھلڪار جو واهه مان لاش هٿ، پوليس تي قتل جو الزام

1 Min Read

ميهڙ(عبدالله سومرو) ميھڙ ڀرسان شاهه پنجو سلطان پوليس هٿان 4 ڏينهن اڳ مبينا گرفتاري بعد پراسرار نموني گم ٿيل سيڪيورٽي فورس اھلڪار طاھر جوڻيجو جو دادو ڪئنال مان نڪرندڙ واهه جي موري ڀرسان لاش ھٿ آيو آھي.

وارثن موجب سيڪيورٽي فورس جو اھلڪار طاھر جوڻيجو ڪجھ ڏينھن اڳ ڪراچي کان ڳوٺ شاھ پنجو سلطان پنھنجي گھر جي اڏاوتي ڪم لاء آيل ھو.

مقتول جي مامي صحافي علي شير جوڻيجي پاران شاھ پنجو پوليس تي کنڀي کڻي گم ڪري تشدد ڪري مارڻ جو الزم ھنيو آھي

ھوڏانھن مقتول جو لاش سندس وارث پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاء تعلقي اسپتال ميھڙ آندو ويو جتي لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment