ڄامشورو: قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ غلام شبير ساند جو ڳلو ڪپيل لاش هٿ

1 Min Read

ڄامشورو (باسط ملاح)  قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر اڳواڻ غلام شبير ساند جو ڳلو ڪپيل لاش ڪوٽڙي جي مسڪين ڪالوني ۾ سندس رهائشگاهه مان هٿ آيو آهي.

واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضروري قانوني ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.

ٻئي پاسي، غلام شبير ساند جي لاڏاڻي جي خبر پکڙجڻ بعد سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتون، دوست ۽ شهرين جو وڏو انگ واقعي واري هنڌ پهتو، جتي ماحول سوڳوار بڻيل هو ۽ هر اک آلي نظر آئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ حقيقتون سامهون اچڻ بعد وڌيڪ تفصيل جاري ڪيا ويندا.

Share This Article
Leave a Comment