سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ

1 Min Read

حيدرآباد/ سکر (ويب ڊيسڪ) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن بابت نوان انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن. آبپاشي کاتي موجب 01 آگسٽ 2026ع صبح 6 وڳي تائين گڊو بئراج تي مٿانهون وهڪرو 3 لک 36 هزار 100 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 99 هزار 200 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

سکر بئراج تي مٿانهون وهڪرو 3 لک 69 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 14 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي مٿانهون وهڪرو 89 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 48 هزار 500 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

تازن انگن اکرن موجب سکر ۽ ڪوٽڙي بئراجن تي پاڻي جي وهڪرن ۾ واڌ، جڏهن ته گڊو بئراج وٽ هيٺانهين وهڪري ۾ لاٿ ڏٺي پئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment