پاڪستان ۽ چين جي دوستي هر آزمائش تي پوري لٿي آهي: فيلڊ مارشل عاصم منير

2 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )  چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي مضبوط ۽ وقت جي هر ڪسوٽي تي هميشه پوري لٿي آهي.

آءِ ايس پي آر موجب، جي ايڇ ڪيو راولپنڊي ۾ چين جي پيپلز لبريشن آرمي  جي قيام جي 99هين سالگرهه جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ چين جي دفاعي اتاشي ميجر جنرل وانگ ژونگ ۽ چيني سفارتخاني جي عملدارن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ پاڪستان جي ٽنهي هٿياربند فوجن جا سينيئر آفيسر پڻ موجود هئا، جڏهن ته چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير معزز مهمانن جي آجيان ڪئي.

ان موقعي تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير پيپلز لبريشن آرمي کي 99هين يومِ تاسيس تي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چين جي دفاع، قومي ترقي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي لاءِ پي ايل اي جي نمايان خدمتن کي ساراهيو.

هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي مضبوط آهي ۽ وقت جي هر ڪسوٽي تي هميشه پوري لٿي آهي. سندس چوڻ هو ته بدلجندڙ علائقائي ۽ عالمي چئلينجن باوجود پاڪ-چين دوستي هميشه مضبوط رهي آهي.

فيلڊ مارشل سيد عاصم منير وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ۽ پيپلز لبريشن آرمي خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل اسٽريٽجڪ مفادن جي تحفظ لاءِ حقيقي ڀائيوار آهن.

هوڏانهن پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زائي ڊونگ تقريب جي انعقاد تي فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جا ٿورا مڃيا ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي خدمتن ۽ قربانين کي ساراهيو.

آءِ ايس پي آر موجب، چيني سفير پاڪستان جي غيرمتزلزل حمايت ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment