تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايران جي پارلياماني اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته ايران جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري چڪو آهي ۽ هاڻي ان ڪاميابي کي قانوني، سياسي ۽ تاريخي طور دستاويزي شڪل ڏيڻ ضروري آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، محمد باقر قاليباف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران تازي تڪرار دوران پنهنجا مقصد حاصل ڪيا آهن. هن چيو ته ان ڪاميابي کي صرف فوجي سطح تائين محدود نه رکڻ گهرجي، پر ان کي قومي تاريخ ۽ سرڪاري رڪارڊ جو حصو بڻائڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته ايراني عوام ۽ هٿياربند فوجن ڏکين حالتن ۾ ملڪ جو دفاع ڪيو، جنهن کي ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ رکڻ ضروري آهي.
محمد باقر قاليباف جو چوڻ هو ته جنگ دوران حاصل ڪيل تجربن، نقصانن ۽ ڪاميابين کي باقاعده دستاويزن، رپورٽن ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ شامل ڪيو وڃي، جيئن مستقبل ۾ انهن مان رهنمائي حاصل ڪري سگهجي.


