خيرپور ۾ بدامني خلاف احتجاج، شهرين قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو

1 Min Read

خيرپور: (شڪيل جانوري) شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ڀرڳڙي پل تي احتجاج ڪري قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏيو.

مظاهرين جو چوڻ آهي ته اڻڄاتل هٿياربند ڦورو هٿيارن جي زور تي ياسين شيخ کان ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته علائقي ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، جنهن سبب شهري ۽ واپاري سخت پريشان آهن.

هنن الزام لڳايو ته خيرپور پوليس ڏوهن کي روڪڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.

مظاهرين مطالبو ڪيو ته شهر ۾ امن امان بحال ڪري ڦر ۽ چوري جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

Share This Article
Leave a Comment