ڪراچي ۾ فوٽ پاٿن تي قبضا، پيادل شهري روڊن تي هلڻ تي مجبور

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پيادل هلندڙن لاءِ ٺاهيل فوٽ پاٿ مختلف علائقن ۾ غيرقانوني قبضن جي ور چڙهي ويا آهن، جنهن سبب شهري روڊن تي هلڻ تي مجبور آهن ۽ حادثن جا خطرا وڌي ويا آهن.

شهرين جو چوڻ آهي ته فوٽ پاٿ محفوظ اچ وڃ ۽ بهتر شهري رٿابندي جو اهم حصو آهن، پر ڪيترن ئي هنڌن تي اهي دڪاندارن، ريڙهي وارن ۽ غيرقانوني پارڪنگ سبب استعمال کان ٻاهر ٿي ويا آهن.

مختلف علائقن ۾ دڪانن جو سامان فوٽ پاٿن تائين پکڙيل آهي، جڏهن ته ريڙها، هوٽلن جون ڪرسيون، چلها، موٽر سائيڪلون ۽ گاڏيون به فوٽ پاٿن تي بيهارڻ سبب پيادل ماڻهن لاءِ رستو بند ٿي ويو آهي.

شهرين موجب عورتن، بزرگن، ٻارن ۽ خاص ماڻهن کي وڌيڪ تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، ڇاڪاڻ ته فوٽ پاٿن تي قبضا هجڻ سبب کين ٽريفڪ واري روڊ تي هلڻو پوي ٿو، جنهن سان حادثن جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

شهرين بلدياتي ادارن ۽ ضلعي انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته فوٽ پاٿن تان قبضا ختم ڪرائي کين اصل مقصد لاءِ بحال ڪيو وڃي، جيئن پيادل ماڻهن کي محفوظ ۽ آسان رستو ملي سگهي.

شهري حلقن جو چوڻ آهي ته فوٽ پاٿن جي بحالي رڳو عوامي سهولت نه پر بهتر ٽريفڪ نظام، محفوظ سفر ۽ مهذب شهري ماحول لاءِ به ضروري آهي.

Share This Article
Leave a Comment