مائيگرين ڇا آهي؟ اڪثر اڌ مٿي جي سور ۾ مبتلا رهندڙ ماڻهو ڇا ڪن؟

3 Min Read

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )  مائيگرين هڪ شديد اعصابي بيماري آهي، جنهن کي عام طور تي آڌ مٿي جو سور چيو ويندو آهي. هن حالت ۾ سور اوچتو شروع ٿي سگهي ٿو ۽ ايترو شديد هوندو آهي، جو متاثر شخص لاءِ روزاني ڪم ڪرڻ يا ڪنهن به ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ ڏکيو ٿي پوندو آهي.

طبي ماهرن موجب، مائيگرين جو سور اڪثر مٿي جي هڪ پاسي کان شروع ٿيندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ اک جي پويان کان ٻئي پاسي تائين به پکڙجي ويندو آهي.

مائيگرين دوران تيز روشني، وڏي آواز يا تيز خوشبو تڪليف ۾ وڌيڪ اضافو آڻي سگهي ٿي، تنهن ڪري گهڻا مريض اونداهي ۽ خاموش ماحول ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن. ان سان گڏ متلي، الٽي اچڻ جو احساس، جسماني ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ جهڙيون علامتون پڻ ظاهر ٿي سگهن ٿيون.

ماهرن جو چوڻ آهي ته مائيگرين دماغ جي غيرمعمولي حساسيت سان لاڳاپيل مسئلو آهي. جيڪڏهن هي تڪليف بار بار ٿيڻ لڳي يا روزمره جي زندگي کي متاثر ڪرڻ لڳي ته ان کي نظرانداز ڪرڻ بدران فوري طور ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي. دائمي مائيگرين وارا مريض مهيني جا ڪيترائي ڏينهن هن تڪليف کي برداشت ڪندا آهن.

تحقيقي انگن اکرن موجب، دنيا ۾ لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو ماڻهو مائيگرين جو شڪار آهن، جڏهن ته هر ٻن مان هڪ شخص زندگي جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي شديد مٿي جي سور جو تجربو ڪندو آهي.

مائيگرين جا اهم سبب ذهني دٻاءُ، نظر جي ڪمزوري ، تيز روشني يا گوڙ، دونهون يا تيز خوشبو، ننڊ جي کوٽ

پاڻي گهٽ پيئڻ، گهڻي دير تائين بکيو رهڻ، ڪيفين جو گهڻو استعمال، هارمونز ۾ تبديليون، کنڊ ۽ الٽرا پروسيسڊ خوراڪ جو گهڻو استعمال ڪارڻ آهن.

علاج ڇا آهي؟

ڊاڪٽرن موجب، مائيگرين لاءِ مخصوص دوائون وڌيڪ اثرائتيون هونديون آهن، جيڪي دماغ ۾ موجود خاص سيروٽونن ري سيپٽرز تي اثر ڪري سور جي شدت گهٽائينديون آهن. اهي دوائون صرف ڊاڪٽر جي صلاح سان استعمال ڪرڻ گهرجن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پيراسيٽامول يا اسپرين جهڙيون عام سور گهٽائڻ واريون دوائون عارضي آرام ته ڏئي سگهن ٿيون، پر دائمي مائيگرين جو مڪمل علاج ناهن. جيڪڏهن مائيگرين بار بار ٿئي ته پاڻمرادو دوائون کائڻ بدران طبي معائنو ڪرائڻ ۽ مناسب علاج اختيار ڪرڻ ضروري آهي.

Share This Article
Leave a Comment