مظفرآباد: (ويب ڊيسڪ) آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن لاءِ مظفرآباد جي تڪ ايل اي 27 ۽ ايل اي 28 جي ڪجهه پولنگ اسٽيشنن تي اڄ ووٽنگ جاري آهي. اهي پولنگ اسٽيشنون 2 آگسٽ تي رستا بند هجڻ سبب بند هيون.
اليڪشن ڪميشن موجب پولنگ صبح 8 وڳي کان شام 5 وڳي تائين جاري رهندي، جڏهن ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا آهن.
واضح رهي ته هيل تائين مسلم ليگ (ن) 24 سيٽون کٽي واضح اڪثريت حاصل ڪري چڪي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي 9 سيٽن سان ٻئي نمبر تي آهي. چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ پونڇ ڊويزن ۾ 10 آگسٽ تي پولنگ ٿيندي.


