يومِ استحصالِ ڪشمير تي پاڪ فوج جي قيادت جو ڪشميري عوام سان ايڪي جو اظهار

2 Min Read

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) فيلڊ مارشل عاصم منير، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو ۽ پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل نويد اشرف يومِ استحصالِ ڪشمير تي والاريل ڪشمير جي عوام سان ايڪي جو اظهار ڪيو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب هٿياربند فوج ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام سان اڻٽٽ ٻڌي ورجائيندي سندن خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد جي حمايت جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو.

بيان ۾ چيو ويو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جو قبضو، فوجي گهيرو، انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ۽ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڳڻتي جوڳيون آهن.

آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت جا چڙ ڏياريندڙ بيان ۽ جارحاڻا قدم علائقي ۾ بيچيني وڌائي رهيا آهن، جڏهن ته ڏکڻ ايشيا ۾ مستقل امن ۽ استحڪام ڪشمير مسئلي جي منصفاڻي ۽ پرامن حل سان لاڳاپيل آهي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب مسئلي جو حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل ٺهرائن موجب ٿيڻ گهرجي.

آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستاني عوام ۽ هٿياربند فوج والاريل ڪشمير جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪن ٿيون ۽ ڪشميري عوام جي جدوجهد ۾ ساٿ ڏيڻ جو عزم ورجائن ٿيون.

Share This Article
Leave a Comment