ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) قيوم آباد ۾ ڏيڍ ورهين جي کير پياڪ نينگري آئيزا جي فوت ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ وارثن مبينا جنسي زيادتي جو الزام لڳائيندي هڪ شڪي جوابدار کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
پوليس موجب نينگري جو لاش جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان قانوني ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ مرده خاني اماڻيو ويو آهي.
وارثن جو چوڻ آهي ته نينگري سان مبينا زيادتي کانپوءِ سندس موت ٿيو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث هجڻ جي شڪ ۾ منان نالي ويجهي مائٽ کي پاڻ پڪڙي ڊفينس ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪيو.
گهرڀاتين موجب شڪي جوابدار اڪثر نينگري کي شيون وٺي ڏيڻ جي بهاني پاڻ سان گڏ وٺي ويندو هو.
پوليس جوابدار کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته واقعي جي حتمي سبب بابت پوسٽ مارٽم ۽ فرانزڪ رپورٽن جو انتظار ڪيو پيو وڃي.
ريسڪيو ذريعن موجب نينگري جي مڙهه کي غسل ۽ ڪفن بعد ڇيپا ايمبولينس ذريعي قيوم آباد ۾ سندس گهر منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ميڊيڪل ۽ فرانزڪ شاهدين جي بنياد تي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.


