پاڪستان ۽ آمريڪا جو دهشتگرد گروهن خلاف سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق

1 Min Read

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ آمريڪا دهشتگرد گروهن خلاف تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

پرڏيهي آفيس موجب واشنگٽن ۾ پاڪ-آمريڪا انسداد دهشتگردي ڳالهين جي چوٿين دور دوران ٻنهي ملڪن سرحدي سيڪيورٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ، دهشتگردن جي سهولتڪار نيٽ ورڪن جي خاتمي ۽ گڏيل سلامتي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.

ڳالهين جي قيادت آمريڪي ڪوآرڊينيٽر براءِ انسداد دهشتگردي ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي اسپيشل سيڪريٽري ڪئي.

گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو ته پاڪستان ۽ آمريڪا انسداد دهشتگردي جي شعبي ۾ سهڪار کي وڌيڪ اثرائتو بڻائيندا ۽ خطي ۾ ڊگهي مدي واري امن، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ گڏيل مقصدن کي اڳتي وڌائيندا.

ٻنهي ملڪن ٽي ٽي پي، بي ايل اي، القاعده ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن خلاف گڏيل ڪارروائي جاري رکڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment