ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي گهرو ۽ قانون واري وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو آهي ته هو مفتاح اسماعيل طرفان صدر آصف علي زرداري تي سنڌ پوليس ۾ ڀرتين بابت لڳايل الزامن کي سختي سان رد ڪن ٿا.
مفتاح اسماعيل جي بيان تي ردعمل ڏيندي ضياءَ لنجار چيو ته سنڌ، خاص طور تي ڪراچي ۾، سڀئي سرڪاري ڀرتيون قانون، ڪوٽا پاليسي ۽ ميرٽ موجب ڪيون وڃن ٿيون. هن چيو ته سنڌ پوليس هڪ پيشاور، غيرجانبدار ۽ ميرٽ تي قائم ادارو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت شهري ماڻهن سان ٻولي، نسل، علائقي يا برادري جي بنياد تي ڪنهن به قسم جي امتيازي سلوڪ تي يقين نٿي رکي.
هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري کي ڪنهن هڪ صوبي، ٻولي يا قوميت تائين محدود ڪرڻ حقيقتن جي ابتڙ ۽ قومي يڪجهتي خلاف آهي. سندس چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداري سمورن وفاقي يونٽن جي نمائندگي ڪندڙ شخصيت آهن، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ جي حقيقي وفاقي جماعت آهي.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته مفتاح اسماعيل هڪ ذميوار سياسي اڳواڻ هجڻ جي حيثيت ۾ بي بنياد الزامن ۽ لساني ورهاست کي هٿي ڏيندڙ بيانن کان پاسو ڪري. جيڪڏهن وٽس ڪنهن مخصوص ڀرتي بابت ثبوت موجود آهن ته اهي لاڳاپيل قانوني ۽ انتظامي فورم تي پيش ڪيا وڃن، ڇو ته عام نوعيت جي الزام تراشي سياسي ذميواري جي ابتڙ آهي.
سنڌ جي گهرو وزير آخر ۾ مطالبو ڪيو ته مفتاح اسماعيل حقيقتن جي ابتڙ ۽ غير ذميواراڻو بيان واپس وٺي ۽ ان بابت وضاحت پيش ڪري.


