بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 12 دهشتگرد مارجي ويا

1 Min Read

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز آپريشن ردالفتنه  تحت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ڪارروايون ڪري 12 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه آءِ ايس پي آر  موجب بلوچستان جي ضلعن واشڪ ۽ مستونگ ۾ 5 ۽ 6 آگسٽ تي ٻن الڳ ڪاررواين دوران  ردالفتنه-3 مهم هيٺ آپريشن ڪيا ويا.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٻنهي ڪاررواين ۾ انهن دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي ڀارت جي سرپرستي هيٺ ڪم ڪندڙ فتنه الهندستان” سان لاڳاپيل هئا، مجموعي طور 12 دهشتگرد ماريا ويا.

آءِ ايس پي آر موجب اهي آپريشن ڪاميابي سان مڪمل ڪيا ويا ۽ انهن جو مقصد ڀارت جي حمايت يافته دهشتگرد عنصرن جو خاتمو ڪرڻ هو.

Share This Article
Leave a Comment