ڄامشورو(باسط ملاح) ڪوٽڙي جي علائقي ڪاروکهو ۾ چار ڏينهن اڳ ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران زخمي ٿيل نوجوان ابراهيم ملاح جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڪيس داخل نه ٿيڻ ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف ملاح برادري جي عورتن ۽ مردن ڪوٽڙي ٿاڻي آڏو لاش ٿاڻي آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ ٽرئفڪ لاءِ بند ٿي ويو.
ڪاروکهو ۾ چئن ڏينهن اڳ ملاح برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ ٿيل جهيڙي دوران زخمي ٿيل ابراهيم ملاح زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
مقتول جي وارثن ۽ ملاح برادري جي عورتن ۽ مردن، پوليس طرفان ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف ڪوٽڙي ٿاڻي آڏو لاش آڏو رکي احتجاجي ڌرڻو هنيو.
احتجاج سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو، جنهن ڪري ٻنهي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ سخت متاثر ٿي.
احتجاج ڪندڙن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪندي مطالبو ڪيو ته واقعي جو فوري طور ڪيس داخل ڪري ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري کين قانون موجب سزا ڏني وڃي.


