راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز پوليس سان گڏجي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن دوران انٽيليجنس بيسڊ گڏيل ڪارروايون ڪيون، جن ۾ مجموعي طور 49 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ دهشتگردن خلاف 10 انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا. اهي ڪارروايون مستونگ، مڇ، خضدار ۽ پنجگور ضلعن ۾ ڪيون ويون، جن دوران 37 دهشتگرد مارجي ويا. ڪاررواين دوران دهشتگردن وٽان وڏي انگ ۾ هٿيار، ڌماڪيدار مواد ۽ ريموٽ ڊيٽونيشن ڊوائيسز پڻ هٿ ڪيا ويا، جن کي بعد ۾ تلف ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب خيبرپختونخوا جي بنون، اتر وزيرستان، اورڪزئي ۽ خيبر ضلعن ۾ پڻ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز ڪيا ويا. انهن ڪاررواين دوران 12 دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي فورسز ڪاررواين دوران ڌماڪيدار مواد، آءِ اي ڊيز، هٿيار، گولا بارود ۽ موٽرسائيڪلون پڻ هٿ ڪيون.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب اهي ڪارروايون ملڪ ۾ دهشتگردي خلاف جاري بنا وقفي واري مهم جو حصو آهن، جن جو مقصد دهشتگرد تنظيمن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو خاتمو آڻڻ آهي.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي امن، استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائڻ جون ڪوششون مؤثر انداز سان ناڪام بڻائي رهيون آهن ۽ ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ سندن عزم مضبوط ۽ غير متزلزل آهي.
ترجمان موجب علائقن ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سينيٽائيزيشن آپريشنز پڻ جاري آهن. آءِ ايس پي آر واضح ڪيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين انسدادِ دهشتگردي مهم جاري رهندي.


