راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو جي هٿياربند فوجن جي چيف آف ڊفينس ليفٽيننٽ جنرل باهنزا ميولهم زہولي جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي دفاعي وفد آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب ڪانگو جي دفاعي وفد جي جي ايڇ ڪيو آمد تي ٽنهي هٿياربند فوجن جي چست دستي مهمان کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي وارن معاملن، علائقائي سيڪيورٽي صورتحال ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو وچ ۾ ڊگهي عرصي کان موجود دوستاڻن لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، جڏهن ته دفاعي ۽ سيڪيورٽي سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي پڻ صحيحون ڪيون ويون.
ڪانگو جي چيف آف ڊفينس ليفٽيننٽ جنرل باهنزا ميولهم زہولي پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه جي سربراهن سان پڻ الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، جن ۾ دفاعي معاملن ۽ ٻطرفي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.


