ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي سڀني 6 ضلعن جي جولاءِ ۾ ورتل ماحولياتي ۽ گندي پاڻي جي نمونن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي جي تصديق ٿي آهي. نيشنل ايمرجنسي آپريشن سينٽر فار پوليو موجب ضلعو سينٽرل، ايسٽ، ڪيماڙي، ملير، سائوٿ ۽ ويسٽ جا نمونا هاڪاري آيا آهن.
خاص ڳالهه اها آهي ته جون ۾ ڪراچي جي انهن 6 ئي ضلعن جي ماحولياتي نمونن ۾ پوليو وائرس نه مليو هو، پر هڪ مهيني اندر صورتحال تبديل ٿي وئي.
ماحولياتي نموني ۾ وائرس جي موجودگي مان ظاهر ٿئي ٿو ته پوليو وائرس آبادي ۾ گردش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان جو مطلب لازمي طور تي اهو ناهي ته ساڳئي علائقي ۾ ڪو ٻار پوليو جو شڪار ٿي چڪو آهي.
سڄي ملڪ ۾ به پوليو وائرس جا نشان مليا آهن. سنڌ جي ضلعي ڪشمور، بلوچستان جي چمن، ڊيرا بگٽي ۽ ڪوئيٽا، خيبرپختونخوا جي بنون ۽ پشاور، جڏهن ته پنجاب جي راولپنڊي مان ورتل جولاءِ جا ماحولياتي نمونا پڻ هاڪاري آيا آهن.
پوليو خاص طور تي 5 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن لاءِ خطرناڪ بيماري آهي ۽ سخت صورت ۾ مستقل معذوري جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ماهرن موجب ٻارن کي پوليو کان بچائڻ جو سڀ کان اثرائتو طريقو ويڪسين جون سموريون مقرر ڪيل خوراڪون مڪمل ڪرائڻ آهي.
والدين کي گهرجي ته پوليو مهم دوران گهر ايندڙ ٽيمن کان ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين، جيئن وائرس کي ٻارن تائين پهچڻ کان اڳ ئي روڪي سگهجي.


