جيڪب آباد: (حاڪم علي) سول لائن ٿاڻي جي حد اي ڊي سي ڪالوني ۾ گهر مان پوليس اهلڪار ۽ پ پ اڳواڻ ديدار جکراڻي جي ڀاءُ محبوب جکراڻي جو گولي لڳل لاش هٿ آيو.
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. واقعي جي اطلاع تي وڏي انگ ۾ برادري جا ماڻهو پڻ سول اسپتال پهچي ويا.
محبوب جکراڻي جي ڀاءُ اقرار جکراڻي موجب، محبوب صبح جو کير وٺڻ لاءِ اٿندو هو. کير واري اطلاع ڏنو ته اڄ هو نه اٿيو آهي، جنهن بعد والد سندس ڪمري ۾ ويو ته محبوب جو لاش پيل هو.
پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته موت جا اصل سبب جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون ايندا.


