عمران خان جي علاج مامري تي پي ٽي آءِ عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي: عطا تارڙ

3 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي وزير اطلاعات عطا تارڙ پاڪستان تحريڪ انصاف تي عدالتي حڪمن جي توهين جو الزام لڳائيندي چيو آهي ته باني پي ٽي آءِ جي علاج بابت عدالت جي واضح هدايتن باوجود سياسي بيان بازي ڪئي وئي ۽ سيڪيورٽي صورتحال به خراب ڪئي وئي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي عطا تارڙ چيو ته حڪومت باني پي ٽي آءِ جي علاج بابت عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ۽ سندس طبي معائنو به ماهر ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ ڪرايو ويو. تازي معائني دوران شفا اسپتال جا ڊاڪٽر به موجود هئا ۽ وفاقي وزير موجب طبي معائني ۾ باني پي ٽي آءِ کي صحتمند قرار ڏنو ويو.

عطا تارڙ جو چوڻ هو ته عدالت واضح هدايت ڏني هئي ته معاملي تي سياسي بيان بازي نه ڪئي ويندي، پر ان باوجود پي ٽي آءِ طرفان ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه، سياسي بيان ۽ سرگرميون ڪيون ويون.

وفاقي وزير الزام لڳايو ته شفا اسپتال جي ٻاهران پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي موجودگي سبب سيڪيورٽي صورتحال پيدا ٿي، جڏهن ته عدالت جي حڪم موجب باني پي ٽي آءِ جو طبي معائنو سندس ڀيڻ ۽ ڊاڪٽرن جي موجودگي ۾ ڪرايو ويو.

سندس چوڻ هو ته حڪومت باني پي ٽي آءِ جو علاج هڪ ڏينهن لاءِ به نه روڪيو ۽ جڏهن به ضرورت پئي، کيس طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون.

عطا تارڙ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ طرفان داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست بي بنياد آهي، جڏهن ته سندس موقف موجب خود باني پي ٽي آءِ جي خاندان ۽ پارٽي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.

وفاقي وزير موجب حڪومت نظرثاني درخواست ۾ اهو سوال به اٿاريو آهي ته جيڪي طبي ۽ ٻيون سهولتون باني پي ٽي آءِ لاءِ گهريون پيون وڃن، ڇا اهي ملڪ جي هر قيدي کي به ساڳئي طريقي سان دستياب آهن؟

عطا تارڙ دعويٰ ڪئي ته پنجاب ۽ پاڪستان بار ڪائونسلز به پي ٽي آءِ جي سياسي پروپيگنڊا کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي ۽ واضح ڪيو آهي ته ڪنهن به وڪيل جو انفرادي بيان بار ڪائونسلز جو سرڪاري موقف نه سمجهيو وڃي.

واضح رهي ته باني پي ٽي آءِ جو طبي معائنو سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ 20 ۽ 21 آگسٽ جي وچ واري رات پمز اسپتال ۾ ڪرايو ويو، جنهن کانپوءِ کيس واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو.

Share This Article
Leave a Comment