ڪوٽڏيجي ڀرسان 17 گريڊ جو انجنيئر گوليون هڻي قتل، ٻيو نوجوان سخت زخمي

1 Min Read

گمبٽ: (ممتاز ميمڻ) ڪوٽڏيجي ٿاڻي جي حد حسين آباد ڀرسان رات دير سان هٿياربندن فائرنگ ڪري ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي 17 گريڊ جي انجنيئر فيصل گلزار ڀٽو کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته دانيال ڀٽي سخت زخمي ٿي پيو.

مليل ڄاڻ موجب چونڊڪو کان خيرپور پنهنجي گهر ويندڙ فيصل ڀٽو کي مبينا طور ڦر جي ارادي سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، گاڏي نه روڪڻ تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن ۾ فيصل ڀٽو موقعي تي مارجي ويو.

زخمي دانيال ڀٽي کي سول اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو.

واقعي خلاف نثار احمد، صابر ڀٽو، عقيل، سجاد، حاجي مختيار، بدرالدين ۽ ڀٽا برادري پراڻي نيشنل هاءِ وي تي ٽائرن کي باهه ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون.

مظاهرين جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ مقتول سان انصاف جو مطالبو ڪيو.

Share This Article
Leave a Comment