ملير: (شاهد ڇڄڙو) گڏاپ ۾ عثمان شاهه مزار ڀرسان هڪ شخص جو لاش هٿ آيو. پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ 28 ورهين جي نجيب ولد بهاول طور ٿي آهي.
اطلاع ملڻ تي گڏاپ سٽي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي بعد لاش پوسٽ مارٽم لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي.


