سعودي عرب سان اسٽريٽجڪ ڀائيواري چاهيون ٿا: وزيراعظم شهباز شريف

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان سعودي عرب سان اقتصادي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو.

اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان سعودي پاڪ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل جي چيئرمين شهزاده منصور جي اڳواڻي ۾ اعليٰ سطحي سعودي ڪاروباري وفد ملاقات ڪئي.

جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي سهڪار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي امڪانن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

سعودي ڪاروباري وفد پاڪستان جي زراعت، بندرگاهن، شاهراهن ۽ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ان کان علاوه ريئل اسٽيٽ، توانائي، بجلي جي ورڇ ۽ آءِ ٽي شعبن ۾ به سيڙپڪاري جا موقعا ڳولڻ تي دلچسپي ظاهر ڪئي وئي.

وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ حڪومت کان حڪومت ۽ ڪاروبار کان ڪاروبار سهڪار وڌائڻ لاءِ هي بهترين وقت آهي.

سعودي وفد پاڪستان جي دوري دوران اعليٰ حڪومتي نمائندن ۽ نجي شعبي جي اهم اسٽيڪ هولڊرز سان پڻ ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي غور ڪيو ويندو.

Share This Article
Leave a Comment