تهران ( ويب ڊيسڪ ) ايراني پاسدارانِ انقلاب هڪ بيان ۾ خبردار ڪيو آهي ته هو آمريڪي فوج طرفان جنگبندي جي ڪنهن به ڀڃڪڙي خلاف جوابي ڪارروائي ڪرڻ جو حق ”جائز ۽ يقيني“ سمجهن ٿا۔
پاسدارانِ انقلاب جي اها وارننگ اهڙي وقت سامهون آئي آهي، جڏهن آمريڪي سينٽرل ڪمان اعلان ڪيو ته هن گذريل رات ڏکڻ ايران ۾ دفاعي نوعيت جا حملا ڪيا۔
پاسدارانِ انقلاب جي بيان ۾ انهن حملن جو سڌو ذڪر ڪرڻ کانسواءِ چيو ويو ته آمريڪي فوج علائقي ۾ پنهنجي مداخلت پسند مهم جوئي ۽ جارحاڻو رويو جاري رکندي خليج فارس جي علائقي ۾ ايراني فضائي حدن ۾ داخل ٿي، جنهن کان پوءِ پاسدارانِ انقلاب جي دفاعي يونٽن محتاط انٽيليجنس نگراني کان پوءِ هڪ ايم ڪيو-9 ڊرون جي سڃاڻپ ڪري ان کي ڪيرائي ڇڏيو۔
پاسدارانِ انقلاب وڌيڪ چيو ته هن هڪ آر ڪيو-4 ڊرون ۽ هڪ ايف-35 جنگي جهاز تي به فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي پوئتي هٽي علائقائي پاڻيءَ کان ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ٿي ويا۔ پاسداران انهن حملن جي وقت ۽ هنڌ بابت وضاحت نه ڪئي۔
ان کان اڳ آمريڪي فوج اعلان ڪيو هو ته هن گذريل رات ڏکڻ ايران ۾ نوان حملا ڪيا، جن ۾ ايراني ميزائل سائيٽن ۽ انهن ٻيڙين کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي “بارودي سرنگون وڇائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون هيون.
آمريڪي سينٽرل ڪمان جي بيان موجب اهي حملا پنهنجي بچاءَ لاءِ ڪيا ويا ۽ انهن جو مقصد “ايراني فوجن طرفان پيش ايندڙ خطرن کان آمريڪي فوجن جي حفاظت” هو۔


