آمريڪا کي ڳالهين جي درخواست، ايران جي پرڏيهي وزارت جو رد عمل اچي ويو

2 Min Read

تهران ( ويب ڊيسڪ )  ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ٽياڪڙي ڪندڙ ملڪن  ذريعي آمريڪا جا پيغام ايران تائين پهچن ٿا، پر هن وقت واشنگٽن سان سڌي ريت ڪا به ڳالهه ٻولهه نه پئي هلي.

اسماعيل بقائي چيو ته ايران آمريڪا کي جنگ جي پڄاڻي يا ان جي شرطن جو تعين ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو. هن واضح ڪيو ته ايران آمريڪا سان ڳالهين جي بحالي لاءِ ڪا به درخواست ناهي ڪئي، ڇاڪاڻ⁠تہ اهڙو قدم ايران جي پاليسي ۽ مزاج جو حصو ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته آبنائي هرمز جي انتظام بابت ايران ۽ عمان وچ ۾ ڳالهه ٻولهه مثبت رهي آهي. سندس چوڻ هو ته آبنائي هرمز جي صورتحال ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي ۽ اهو اڃا تائين بند آهي.

ترجمان الزام هنيو ته ڪجهه نار جَي ملڪ ايران خلاف آمريڪا جي جنگ ۾ شامل رهيا آهن. هن چيو ته ايران پنهنجي ملڪ جو دفاع ڪندو ۽ قومي مفادن کي نظر ۾ رکندي سفارتي رستو به اختيار ڪندو.

اسماعيل بقائي وڌيڪ چيو ته يوڪرين پاران هڪ ايراني جهاز کي نشانو بڻائڻ خطرناڪ قدم هو، جنهن جو مناسب جواب ضرور ڏنو ويندو.

هن زور ڏيندي چيو ته ايران آمريڪا کي جنگ ۽ امن جي وقت يا مدت جو فيصلو ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندو، ۽ پنهنجي قومي مفادن موجب ملڪ جو دفاع جاري رکندو.

Share This Article
Leave a Comment