اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي-9 ڪوٽلي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪن مختيار يونس جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب فائرنگ مسلم ليگ (ن) جي اميدوار جي پاسي کان ڪئي وئي.
جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آزاد ڪشمير جي تڪ ايل اي-9 ڪوٽلي-2 نڪيال ۾ پيپلز پارٽي جي ڪارڪن جي شهادت انتهائي افسوسناڪ آهي. هن دعويٰ ڪئي ته مسلم ليگ (ن) جي اميدوار سردار عمير نعيم جي طرفان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيپلز پارٽي جو ڪارڪن شهيد ٿيو.
بلاول ڀٽو سوال ڪيو ته لاڳاپيل اختيارين ڪٿي آهن؟ اليڪشن ڪميشن ڇا ڪري رهي آهي؟” هن وڌيڪ چيو ته ٻه ڏينهن اڳ به سردار عمير نعيم ۽ سندس ساٿين جي کليل فائرنگ واري وڊيو سامهون آئي هئي، جيڪڏهن ان وقت اختيارين نوٽيس وٺن ها ته اڄ هڪ قيمتي انساني جان ضايع نه ٿئي ها.
هن الزام هنيو ته شڪست جي خوف سبب پاڪستان پيپلز پارٽي جا مخالف غير مناسب حربا استعمال ڪري رهيا آهن.


