اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز آپريشن “11 گرج” تحت خيبرپختونخوا جي ضلعن باجوڙ ۽ خيبر ۾ ڌار ڌار ڪاررواين دوران فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل 10 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو. جڏهن ته ڪاررواين جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي آهي.
رپورٽن موجب باجوڙ جي علائقي شاڪرو ۾ مسجدن ۾ لڪل فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل 2 دهشتگرد ماريا ويا، جڏهن ته خيبر ضلعي جي علائقن دربي خيل ۽ بٽان ۾ وڌيڪ 8 دهشتگردن کي ماريو ويو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب اهي ڪارروايون مصدقه ڳجهن اطلاعن (انٽيليجنس) جي بنياد تي ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد علائقي کي دهشتگرد عنصرن کان پاڪ ڪرڻ ۽ امن امان کي يقيني بڻائڻ آهي.
سيڪيورٽي فورسز جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين اهڙيون ڪارروايون جاري رهنديون.
جاري ڪيل وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڪواڊ ڪاپٽر ذريعي مختلف هنڌن تي موجود هٿياربند ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو، جيڪي ڪٿي وڻن جي اوٽ ۾ ۽ ڪٿي روڊ جي ڪناري موجود هئا.
وڊيو ۾ هڪ عمارت اندر موجود هٿياربند ماڻهن کي به ڌماڪي ذريعي نشانو بڻائڻ جا منظر شامل آهن، جڏهن ته آپريشن دوران هيليڪاپٽر پڻ فضائي نگراني ۽ سهڪار ڪندي نظر اچي رهيو آهي.


