برسات دوران سنڌ ۾ ڪيترا ماڻهو فوت ٿيا؟ وڏي وزير جو وڏو حڪم اچي ويو

4 Min Read

ڪراچي ( رپورٽ: آزاد ميراڻي ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي مختلف ضلعن ۾ جاري تيز برساتن، جاني نقصان، مقامي ٻوڏ واري صورتحال ۽ ملڪيتن کي پهتل نقصان کي نظر ۾ رکندي سڀني ضلعي انتظاميا، بلدياتي ادارن، صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي)، آبپاشي کاتي، صحت کاتي ۽ ريسڪيو ادارن کي هاءِ الرٽ رهڻ ۽ سمورا ضروري احتياطي ۽ هنگامي قدم فوري طور کڻڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن.

پي ڊي ايم اي آفيس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته جاري مون سون دوران انساني جانيون بچائڻ ۽ شهرين کي بنا رڪاوٽ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

اجلاس ۾ بحالي بابت صلاحڪار گيان چند اسراني، ميئر ڪراچي بيرسٽر مرتضيٰ وهاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، سيڪريٽري بحالي مصطفيٰ شيخ، سيڪريٽري آبپاشي ظريف کھیڙو، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جا ڪمشنر، متاثر ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر ۽ حيسڪو جو چيف وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شامل ٿيا.

وڏي وزير هنگامي صورتحال دوران ضلعي مان غير حاضر رهڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي عمرڪوٽ جي ٽائون ميونسپل آفيسر (ٽي ايم او) کي فوري طور معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. هن بلديات کاتي کي هدايت ڪئي ته مون سون ايمرجنسي دوران سڀئي آفيسر پنهنجي مقرر ڪيل هنڌن تي موجود رهن.

چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڀني ڊويزنل ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن، بلدياتي ادارن، پي ڊي ايم اي ۽ آبپاشي کاتي سان مسلسل رابطو رکيو پيو وڃي، جڏهن ته ضروري مشينري ۽ امدادي سامان اڳ ئي ضلعن ڏانهن موڪليو ويو آهي.

بحالي بابت صلاحڪار گيان چند اسراني ٻڌايو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران حيدرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن ۾ 20 کان 60 ملي ميٽر تائين تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين اڪثر ضلعن ۾ هلڪي برسات ٿي سگهي ٿي. ڪراچي ۾ به ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مقامي طور تي ڪٿي ڪٿي وڌيڪ برسات به ٿي سگهي ٿي.

ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران عمرڪوٽ تعلقي ۾ 169 ملي ميٽر، ڪنري 149، ڪلوئي 140، ڏيپلو 135، ڪنگري غلام محمد 133، لطيف آباد 114، حسين بخش مري 111، ميرپورخاص شهر 111، مٺي 106، ڍالي 104، حيدرآباد ٻهراڙي 93 ۽ حيدرآباد شهر 89 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي.

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته برسات سان لاڳاپيل مختلف حادثن ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 8 زخمي ٿيا آهن. ٿرپارڪر ۾ 6 ڄڻا فوت ۽ 6 زخمي ٿيا، جن مان 3 ڄڻا وڄ ڪرڻ سبب، هڪ ڄڻو ٻڏي ۽ ٻه ڄڻا کڏن ۾ ڪرڻ سبب فوت ٿيا. عمرڪوٽ ۾ هڪ ڄڻو ٻڏي فوت ٿيو ۽ ٻه زخمي ٿيا، جڏهن ته بدين ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو.

وڏي وزير فوتين جي وارثن سان ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته متاثر خاندانن کي فوري امداد، سرڪاري پاليسي موجب معاوضو ۽ واقعن جون تفصيلي رپورٽون پيش ڪيون وڃن.

سيڪريٽري آبپاشي ٻڌايو ته بدين ضلعي جي سيراني واري علائقي ڀرسان ميرواهه ڪئنال ۾ 15 فٽ ۽ 8 فٽ جا ٻه گهارا پئجي ويا، جنهن سبب لڳ ڀڳ 200 گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو.

Share This Article
Leave a Comment