اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) 26 جون کان پهرين آگسٽ تائين ملڪ ۾ مون سون برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصانن بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.
رپورٽ موجب ان عرصي دوران سڄي ملڪ ۾ برساتن سان لاڳاپيل مختلف حادثن ۾ 126 ڄڻا فوت ۽ 404 ڄڻا زخمي ٿيا.
اين ڊي ايم اي موجب خيبرپختونخوا ۾ سڀ کان وڌيڪ 55 ڄڻا فوت ٿيا، جن ۾ 26 ٻار شامل آهن. پنجاب ۾ 47 ڄڻا فوت ٿيا، جن ۾ 19 ٻار شامل آهن، جڏهن ته صوبي ۾ 295 ڄڻا زخمي ٿيا، جن مان 68 ٻار آهن.
سنڌ ۾ برساتي حادثن سبب 5 ڄڻا فوت ۽ 7 زخمي ٿيا، جڏهن ته فوتين ۾ 2 ٻار شامل آهن. بلوچستان ۾ 8 ڄڻا فوت ۽ 15 زخمي ٿيا.
اين ڊي ايم اي موجب پنجاب ۾ برسات متاثرن لاءِ 75 رليف ڪيمپ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته گرمي جي شدت کي نظر ۾ رکندي 333 هيٽ ويو ڪيمپ پڻ قائم ڪيا ويا، جتي 2,203 ماڻهن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون ويون.
رپورٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران پنجاب ۾ 4 ريسڪيو آپريشنن ذريعي 9 ماڻهن کي محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ 2 ۽ سنڌ ۾ 5 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو.


