اداڪاره توصيق حيدر ۽ فرح سعديه جي شادي جي خبرن بابت وضاحت

2 Min Read

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان جا مشهور ٽي وي ميزبان ۽ اداڪار توصيق حيدر ۽ سينئر اداڪارا و ميزبان فرح سعديه سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيندڙ پنهنجي مبينا شادي جي جعلي تصويرن تي ردعمل ڏيندي انهن افواهن جي سختي سان ترديد ڪري ڇڏي آهي.

تفصيل موجب سوشل ميڊيا تي مصنوعي ذهانت (AI) ذريعي تيار ڪيل ڪجهه تصويرون تيزي سان وائرل ٿيون، جن ۾ ٻنهي فنڪارن کي دلہا ۽ دلہن جي روپ ۾ ڏيکاريو ويو هو. انهن تصويرن جي وائرل ٿيڻ کانپوءِ ڪيترن ئي صارفين طرفان انهن کي حقيقي سمجهي ٻنهي جي شادي بابت قياس آرائيون شروع ڪيون ويون.

افواهن تي ردعمل ڏيندي توصيق حيدر۽ فرحه سعديهمزاحيا انداز اختيار ڪندي واضح ڪيو ته شادي بابت خبرون مڪمل طور تي بي بنياد آهن. ٻنهي چيو ته هو صرف سٺا دوست آهن ۽ اهڙيون جعلي تصويرون ٺاهيندڙن کي گهرجي ته پنهنجو وقت ڪنهن مثبت ۽ تعميري ڪم ۾ استعمال ڪن.

توصيق حيدرپاڪستان جي سينئر ريڊيو ۽ ٽي وي ميزبانن ۾ شمار ٿين ٿا. هن 1987ع ۾ ريڊيو پاڪستان کان نيوز ڪاسٽر طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ ايف ايم ريڊيو جي پهرين آواز هجڻ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيو. بعد ۾ هن ٽي وي ميزباني سان گڏ اداڪاري ۾ به پاڻ مڃرايو.

ٻئي طرف فرحه سعديه پاڪستان جي مشهور اداڪارا ۽ ميزبان آهي، جنهن ڊرامي “بندھن” سان شهرت حاصل ڪئي. ان کانپوءِ هن ڪيترن ئي ڪامياب ڊرامن ۽ مارننگ شوز ذريعي پنهنجو الڳ مقام ٺاهيو.

Share This Article
Leave a Comment