تہران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا تي فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ميزباني جي اصولن جي ڀڃڪڙي جو الزام لڳايو آهي.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ورلڊ ڪپ دوران ايراني فٽبال ٽيم سان نامناسب رويو اختيار ڪيو ويو. هن الزام لڳايو ته ٽيم جي ڪيترن ڪوچز ۽ فيڊريشن آفيسرن کي آمريڪي ويزا جاري نه ڪيا ويا.
اسماعيل بقائي موجب ويزا جاري ڪرڻ ۾ رنڊڪون شروع کان ئي هڪ وڏو مسئلو رهيون آهن، جڏهن ته ايراني قومي ٽيم کي ميچ وينيو کان الڳ هنڌ تي رهائڻ به مسئلو بڻيو.
هن چيو ته ايراني ٽيم سان ميزباني جي عالمي معيارن ۽ اصولن جي ابتڙ سلوڪ ڪيو ويو آهي، جيڪو قابلِ مذمت آهي.
ايراني ترجمان آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽي وزير جي ان بيان جي به مذمت ڪئي، جنهن ۾ ايران جي ورلڊ ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ تي خوشي ظاهر ڪئي وئي هئي. هن چيو ته اهڙا بيان غير مناسب ۽ ناقابلِ قبول آهن.


