لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اداڪارا مومنه اقبال کي مبينا طور هراسان ڪرڻ واري معاملي ۾ نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي پنجاب اسيمبلي جي ميمبر ثاقب چڍڙ خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.
ايف آءِ آر موجب شڪايت ڪندڙ موقف اختيار ڪيو آهي ته ثاقب چڍڙ ۽ سندس ساٿين اداڪارا کي بليڪ ميل ڪرڻ سان گڏ ڌمڪيون پڻ ڏنيون.
ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جوابدار مبينا طور ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ساڻس شادي نه ڪئي وئي ته ذاتي ڊيٽا ۽ مواد ليڪ ڪيو ويندو. اداڪارا جي ڀيڻ ڌمڪين بابت هڪ وڊيو نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي کي فراهم ڪئي آهي.
ايف آءِ آر موجب وڊيو ۽ موبائل فون کي ڊجيٽل ثبوت طور تحويل ۾ وٺي جاچ لاءِ موڪليو ويو آهي، جڏهن ته ثاقب چڍڙ جي نمبر تان ڌمڪي آميز پيغامن موڪلڻ جو به ذڪر ڪيو ويو آهي.
ڪيس جي متن مطابق مومنه اقبال کي جڏهن ثاقب چڍڙ جي پهرين شادي بابت خبر پئي ته هن شادي کان انڪار ڪيو، جنهن کان پوءِ جوابدار مبينا طور نجي وڊيوز ذريعي بليڪ ميلنگ شروع ڪئي. ايف آءِ آر ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اداڪارا جي موبائل مان اهڙيون وڊيوز پڻ مليون آهن.
ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ثاقب چڍڙ 2023ع دوران مبينا طور ڪوڙا الزام لڳائي اداڪارا جو هڪ رشتو به ختم ڪرايو، جڏهن ته بعد ۾ مومنه اقبال ۽ سندس موجوده مڙس کي پڻ ڌمڪيون ڏنيون ويون.
جاچ اداري موجب جوابدار، سندس گهرواري ۽ ٻين ساٿين تي سائبر هراساني، بليڪ ميلنگ ۽ غير قانوني نگراني جا الزام آهن. ايف آءِ آر ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جوابدار اين سي سي آءِ اي حوالي ڪرڻ کان اڳ پنهنجي موبائل فون مان ڊيٽا ۽ مختلف ايپس ڊليٽ ڪري ڇڏيون.
ياد رهي ته اداڪارا مومنه اقبال ڪجهه ڏينهن اڳ ثاقب چڌڙ خلاف نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي ۾ باقاعده شڪايت داخل ڪرائي هئي.
واضح رهي ته ايف آءِ آر ۾ شامل الزام جاچ هيٺ آهن ۽ انهن بابت حتمي قانوني فيصلو عدالت جي ڪارروائي کان پوءِ سامهون ايندو.


