جيڪب آباد ( رپورٽ: حاڪم شيخ ) جيڪب آباد جي بولان محلي ۾ رهندڙ 16 ورهين جي هڪ نينگري مبينا طور اجتماعي لڄالٽ جو انتهائي سنگين الزام هنيو آهي، الزام هيٺ آيل جوابدار پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
متاثر نينگري جو چوڻ آهي ته موبائيل ريپيئر ڪندڙ هڪ نوجوان سان سندس واٽس ايپ ذريعي دوستي ٿي، جنهن محبت ۽ شادي جا واعدا ڪري کيس پنهنجي گهر گهرايو.
نينگري جي الزام موجب، گهر پهچڻ کانپوءِ اتي موجود 8 کان 10 ڄڻن هٿيارن جي زور تي ساڻس جنسي زيادتي ڪئي ۽ سڄي واقعي جي وڊيو پڻ ٺاهي وئي. سندس چوڻ آهي ته ان کانپوءِ جوابدار کيس وڊيو ذريعي بليڪ ميل ڪندا رهيا، جنهن سبب هوءَ ڊگهي عرصي تائين خوف ۽ دٻاءَ هيٺ خاموش رهي.
متاثر نينگري موجب، واقعي سبب سندس منگڻي ٽٽي وئي ۽ ذاتي زندگي سخت متاثر ٿي. هن ٻڌايو ته سندس والد هڪ غريب مزدور آهي ۽ خاندان جي عزت بچائڻ خاطر هن ڪجهه عرصو معاملو لڪائي رکيو، پر ڌمڪين ۽ بليڪ ميلنگ ۾ واڌ ٿيڻ بعد هن والدين کي حقيقت کان آگاهه ڪيو.
متاثر ڇوڪري ايس ايس پي جيڪب آباد سان ملاقات ڪري واقعا جا تفصيل ٻڌائي ڇڏيا آهن، ايس ايس پي فيضان علي جو چوڻ آهي ته هي واقعو تقريبن ڏيڍ سال پراڻو آهي، ڪجه انفارميشن ملي آهي پر واقعي ۾ اڃا وڌيڪ جاچ جي ضرورت آهي.
ايس ايس پي جيڪب آباد موجب پوليس کي ڪجهه نالا مليا آهن، انڪوائري ڪنداسين، جيڪڏهن الزام صحيح ثابت ٿيا ته ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.
ٻي پاسي الزام هيٺ آيل نوجوان جميل احمد نصيراڻي الزام رد ڪندي پاڻ کي پوليس حوالي ڪري ڇڏيوآهي، سندس چوڻ آهي ته سندس ڊي اين اي ڪرائي وڃي يا سي ڊي آر ڪڍرائي وڃي، هو پوليس سان جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي.


