ممبئي ( شوبز نيوز ) مشهور ڀارتي اداڪار اڪشي ڪمار جي 13 سالن جي ڌيءَ کي آن لائن گيم کيڏڻ دوران هراسان ڪرڻ واري ڪيس ۾ پهرين جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب، هي واقعو گذريل سال آڪٽوبر ۾ سامهون آيو هو جڏهن اداڪار هڪ تقريب دوران انڪشاف ڪيو هو ته هڪ اڻڄاتل شخص راند دوران اڪشي ڪمار جي ڌيءُ کان نامناسب تصويرن جو مطالبو ڪيو، جنهن تي ٻارڙي فوري طور تي راند بند ڪري پنهنجي والده کي آگاهي ڏني.
اداڪار جو چوڻ هو ته اهڙا واقعا ٻارن کي بليڪ ميلنگ ۽ ٻين ڏوهن ڏانهن ڌڪي سگهن ٿا، تنهنڪري ڊجيٽل دنيا ۾ شعور پيدا ڪرڻ انتهائي ضروري آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب، معاملو سامهون اچڻ بعد سائبر سيل پاران جاچ شروع ڪئي وئي هئي ۽ جديد ٽيڪنيڪي طريقن جي مدد سان جوابدار جي سڃاڻپ ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار کان وڌيڪ جاچ جاري آهي ته جيئن معلوم ڪري سگهجي ته ڪٿي هن ٻين ٻارن کي به آن لائن هراسان ته ناهي ڪيو. اڪشي ڪمار پاران هن واقعي تي کلي ڪري ڳالهائڻ کانپوءِ هاڻي هن ڪيس کي تعليمي ادارن ۾ سائبر آگاهي مهم طور پڻ پيش ڪيو پيو وڃي، ته جيئن شاگردن کي آن لائن خطرن ۽ انٽرنيٽ جي محفوظ استعمال بابت ڄاڻ ملي سگهي.


