افغانستان دهشتگرد گروهن جي محفوظ پناهه گاهه بڻيل، عالمي برادري قدم کڻي: پاڪستان

1 Min Read

اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير عاصم افتخار احمد چيو آهي ته افغانستان ۾ ٽي ٽي پي، بي ايل اي، داعش خراسان ۽ القاعده سان لاڳاپيل گروهه اڃا به سرگرم آهن ۽ اتان ئي پاڪستان سميت ٻين ملڪن خلاف حملا رٿيا وڃن ٿا.

هن چيو ته طالبان حڪومت کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته افغان سرزمين ڪنهن به دهشتگرد تنظيم طرفان استعمال نه ٿئي. سندس چوڻ هو ته دهشتگرد جديد ٽيڪنالاجي، ڊرون، سوشل ميڊيا، مصنوعي ذهانت ۽ ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي ڀرتي، فنڊنگ ۽ حملن جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري عالمي سطح تي گڏيل ڪارروائي ضروري آهي.

پاڪستاني نمائندي عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ته دهشتگرد گروهن ۽ انهن جي سهولتڪارن خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن. هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جو به ذڪر ڪندي چيو ته عالمي برادري کي هر هنڌ دهشتگردي خلاف بنا فرق قدم کڻڻ گهرجن.

Share This Article
Leave a Comment