خضدار: (ويب ڊيسڪ) اسما جتڪ ڪيس هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ اچي ويو آهي، جتي متاثر خاندان جو چوڻ آهي ته رشتو رد ڪرڻ تان شروع ٿيل تڪرار ۾ هن وقت تائين خاندان جا 3 ڀاتي قتل ٿي چڪا آهن.
متاثر خاندان موجب اسما جتڪ پاران بااثر ماڻهن تي اغوا ۽ تشدد جا الزام لڳائڻ کانپوءِ کين مسلسل ڌمڪيون ملنديون رهيون، پر انتظاميا طرفان اثرائتا قدم نه کنيا ويا.
پوليس موجب اسما جتڪ جي والد ماسٽر عطا الله جتڪ کي خضدار جي شهزاد ٽائون واري علائقي ۾ فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو. ايس ايس پي خضدار واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته قتل جي محرڪن جي جاچ جاري آهي.
مقتول جي پٽ دعويٰ ڪئي آهي ته 2025ع کان سندن خاندان کي ڌمڪيون ملي رهيون هيون ۽ هنن انتظاميا، پوليس ۽ وڏي وزير هائوس کي درخواستون پڻ ڏنيون، پر ڪارروائي نه ٿي.
هن جو چوڻ آهي ته ساڳئي تڪرار ۾ اڳ ۾ اسما جتڪ جو مڱيندو ۽ مامو به قتل ٿي چڪا آهن.
ٻئي طرف بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر واقعي جو نوٽيس وٺندي آءِ جي بلوچستان، ڊي آءِ جي خضدار ۽ ايس پي خضدار کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، جڏهن ته صوبائي گهرو وزير پوليس کي 2 ڏينهن اندر ڪارروائي ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.


