اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سرڪاري ملازمن جي حقن بابت هڪ اهم فيصلو جاري ڪندي قرار ڏنو آهي ته جيڪڏهن ڪو سرڪاري ملازم الزامن مان باعزت طور بري ٿي وڃي ته هو ان سموري پگهار ۽ مراعتن جو حقدار هوندو، جيڪي کيس معطل يا برطرف نه ٿيڻ جي صورت ۾ حاصل ٿين ها.
ميڊيا رپورٽن موجب اٺ صفحن تي ٻڌل فيصلو جسٽس محمد علي مظهر لکيو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته باعزت بري ٿيڻ واري سرڪاري ملازم جي غيرحاضري واري مدت کي به ڊيوٽي تي گذاريل عرصو تصور ڪيو ويندو.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته کاتيوار ڪارروائي ۽ فوجداري ڪارروائي ٻن مختلف نوعيتن جون ڪارروائيون آهن.
کاتيوار ڪارروائي جو پهريون مرحلو جاچ (انڪوائري) هوندو آهي، جنهن دوران سبب ڄاڻائڻ جو نوٽيس (شوڪاز نوٽيس) جاري ڪيو ويندو آهي ته جيئن الزام هيٺ آيل شخص کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ملي سگهي.
فيصلي موجب، کاتيوار ڪارروائي ۾ ثبوت جو معيار “امڪانن جي توازن” تي ٻڌل هوندو آهي، جڏهن ته فوجداري ڪيس ۾ پراسيڪيوشن تي لازم هوندو آهي ته هو الزام کي شڪ کان بالاتر ثابت ڪري.
سپريم ڪورٽ چيو ته فوجداري ۽ کاتيوار ڪارروائيون هڪ ئي وقت الڳ الڳ جاري رهي سگهن ٿيون، پر هن ڪيس ۾ اپيل ڪندڙ کي ملازمت مان برطرف ڪرڻ کان اڳ پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو مناسب موقعو نه ڏنو ويو، جيڪو آئيني حقن جي خلاف ورزي آهي.
عدالت اپيل منظور ڪندي خيبرپختونخواهه سروس ٽربيونل جو 7 مئي 2019ع وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو ۽ هدايت ڪئي ته ڊائريڪٽوريٽ آف ايلمينٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن خيبرپختونخواهه درخواستگذار کي مليل مراعتن بابت ٻن مهينن اندر فيصلو ڪري.
فيصلي ۾ ٻڌايو ويو ته درخواستگذار ضلع بنون ۾ گريڊ 17 جو سيڪنڊري اسڪول ٽيچر هو، جنهن کي هڪ فوجداري ڪيس ۾ سزا ملڻ بعد نوڪري مان ڪڍيو ويو هو. بعد ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ کيس الزامن مان بري ڪري ڇڏيو.
بري ٿيڻ کان پوءِ استاد پنهنجي بحالي ۽ سمورين گذريل مراعتن لاءِ اپيل داخل ڪئي، جنهن تي کيس نوڪري تي ته بحال ڪيو ويو، پر گذريل عرصي جون مالي مراعتون ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ هاڻي ان معاملي تي ملازم جي حق ۾ اهم رهنمائي فراهم ڪئي آهي.


