اوٻاوڙو (رپورٽ: علي رضا راجپوت) اوٻاوڙي ڀرسان ڳوٺ لانگهو ۾ زرعي زمين تي پاڻي جي واري تي ويل نوجوان لياقت ملڪ کي نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.
وارثن موجب لياقت ملڪ واپس گهر نه موٽيو ته هنن ڳولا شروع ڪئي، جنهن دوران سندس گوليون لڳل لاش زرعي زمين تان هٿ ڪيو ويو.
اطلاع تي اوٻاوڙو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقا اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو پيو وڃي.
مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته سندن ڪنهن سان به ذاتي دشمني ناهي، نوجوان کي ناحق گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
هنن آءِ جي سنڌ ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.


