ايران تي اڄ رات وڌيڪ سخت حملا ڪري سگهون ٿا: ڊونلڊ ٽرمپ جي ڌمڪي

2 Min Read

واشنگٽن  ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر سخت خبردار ڪندي چيو آهي ته آمريڪا اڄ رات به ايران تي سخت حملا ڪري سگهي ٿو.

ترڪيه ۾ نيٽو سربراهه اجلاس دوران يوڪرين جي صدر سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ايران جي تازي ڪاررواين کان خوش ناهن، ڇو ته ايران گذريل ڏينهن جهازن تي ڊرون حملا ڪيا آهن.

هن چيو ته آمريڪا گذريل رات ايران تي سخت حملو ڪيو هو ۽ امڪان آهي ته اڄ رات به ايران کي سخت نشانو بڻايو وڃي.

آمريڪي صدر چيو ته ايران جا اڳواڻ ڪيترن سالن تائين وچ اوڀر ۾ “غنڊاگردي” ڪندا رهيا، پر هاڻي هو اها حيثيت وڃائي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته ايران ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دنيا کي ڌمڪيون ڏيندو رهيو آهي ۽ گذريل 47 سالن کان ماڻهن جي قتل ۾ ملوث رهيو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران سان ڪنهن به معاهدي تائين پهچڻ ۾ ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ممڪن معاهدو ايران جي جوهري هٿيارن جي پروگرام آڏو هڪ مضبوط رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿو.

ٽرمپ چيو ته کيس خبر ناهي ته ايران سان معاهدو ٿيندو يا نه، پر آمريڪا معاهدي کانسواءِ به ايران کي جوهري هٿيارن کان پاڪ بڻائيندو، ۽ سندس خيال ۾ اهو وڌيڪ آسان طريقو آهي. آمريڪي صدر اڳوڻي صدر باراڪ اوباما تي به تنقيد ڪندي چيو ته اوباما ايران کي مالي سهائتا فراهم ڪئي ۽ سندس ايران سان ٿيل معاهدو انتهائي خراب هو. ٽرمپ الزام هنيو ته ايران بار بار ڪوڙ ڳالهايو، ڌوڪو ڏنو ۽ بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪندو رهيو آهي

Share This Article
Leave a Comment