ايران جو سپريم ليڊر ڪهڙي حالت ۾ آهي؟ اهم تفصيل سامهون اچي ويا

3 Min Read

ايران جو نئون سپريم ليڊر آيت اللہ مجتبیٰ خامنہ اي شديد زخمي آهي ۽ اعليٰ ايراني عهديدارن جي به سندس تائين  پهچ انتهائي محدود رکي وئي آهي.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائمز پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته جڏهن آيت اللہ علي خامنہ اي ايران جو سپريم ليڊر هو ته هو جنگ، امن ۽ آمريڪا سان ڳالهين بابت سمورن فيصلن تي مڪمل اختيار رکندو هو، پر سندس پٽ ۽ جانشين جو ڪردار ان کان مختلف آهي.

اخبار موجب آيت اللہ مجتبیٰ خامنہ اي هڪ پراسرار شخصيت بڻجي چڪو آهي، جيڪو مارچ ۾ تقرري بعد نه عوام جي آڏو آيو آهي ۽ نه ئي سندس آواز ٻڌو ويو آهي.

 رپورٽ موجب مجتبیٰ خامنہ اي 28 فيبروري تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ پنهنجي پيءُ جي ڪمپائونڊ تي بمباري بعد منظرعام تي ناهي آيو، ان حملي ۾ سندس گهر واري ۽ پٽ شهيد ٿي ويا هئا.

اخبار موجب سندس تائين پهچ به انتهائي محدود ۽ مشڪل ٿي چڪي آهي ۽ هو هن وقت وڌيڪ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جي هڪ گروپ سان گڏ آهي جيڪي سندس زخن جو علاج ڪري رهيا آهن.

رپورٽ موجب پاسدارانِ انقلاب جا سينيئر ڪمانڊر ۽ اعليٰ حڪومتي عهديدار به سندس سان ملاقات نٿا ڪن، ڇاڪاڻ ته کين خدشو آهي ته اسرائيل سندن لوڪيشن ٽريس ڪري مجتبیٰ خامنہ اي کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.

نيويارڪ ٽائمز جو چوڻ آهي ته ايراني صدر مسعود پزشڪيان، جيڪو پيشي جي لحاظ کان دل جو سرجن به آهي، مجتبیٰ خامنہ اي جي علاج ۾ شامل رهيو آهي. اخبار چار سينيئر ايراني عهديدارن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته شديد زخمي هجڻ جي باوجود مجتبیٰ خامنہ اي ذهني طور تي هوشيار ۽ متحرڪ آهي. سندس هڪ ٽنگ جي ٽي ڀيرا سرجري ٿي چڪي آهي ۽ هو مصنوعي ٽنگ جو انتظار ڪري رهيو آهي. سندس هڪ هٿ جي به سرجري ڪئي وئي آهي ۽ ڊاڪٽر تدريجي طور سندس هٿ جي فعاليت بحال ڪري رهيا آهن.

عهديدارن موجب سندس چهرو ۽ چپ شديد سڙي چڪا آهن، جنهن ڪري کيس ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي ۽ آئنده کيس پلاسٽڪ سرجري جي ضرورت هوندي. رپورٽ موجب هن اڃا تائين ڪوبه ويڊيو يا آڊيو پيغام رڪارڊ ناهي ڪرايو، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي پهرين عوامي خطاب ۾ ڪمزور ڏيکاريو وڃڻ نٿو چاهي.

اخبار چيو ته مجتبیٰ خامنہ اي تائين پيغام هٿ سان لکي بند لفافن ۾ هڪ ڀروسي جوڳي شخص کان ٻئي تائين پهچايا وڃن ٿا، جڏهن ته مجتبیٰ خامنہ اي پاران ڏنل هدايتون به ساڳئي طريقي سان واپس پهچن ٿيون.

Share This Article
Leave a Comment