حيدرآباد ۾ مڙس هٿان 8 ٻارڙن جي ماءُ گوليون هڻي قتل

2 Min Read

حيدرآباد (ذاڪر لغاري) حيدرآباد جي حالي روڊ ٿاڻي جي حد ۾ مڙس مبينا طور پنهنجي زال کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

حالي روڊ واري علائقي ۾ قربان ابڙو پنهنجي گهر واري 32 ورهين جي زبيده کي مبينا طور پستول جا 3 فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو. مقتول عورت زبيده 8 ٻارن جي ماءُ هئي.

ٻارن موجب، گهر جا سڀ ڀاتي رات جي ماني کائڻ بعد سمهي رهيا هئا ته رڙين تي ٻن ننڍن ٻارن جي اک کلي وئي، جن ڏٺو ته قربان ابڙو سندن ماءُ تي تشدد ڪري رهيو هو. ٻارن جو چوڻ آهي ته ان کان پوءِ قربان پستول جا فائر ڪري سندن ماءُ کي قتل ڪري ڇڏيو.

مقتول عورت زبيده جي پهرين شادي مان 5 ٻار هئا، جڏهن ته قربان ابڙو سان ٻي شادي مان کيس 3 ٻار هئا.

مقتولا جي پٽ ۽ ڌيءَ الزام لڳايو ته هڪ پري جي عزيز قربان کي رات جو پستول ڏنو هو. پڇا ڪرڻ تي ان عزيز ٻڌايو ته پستول رکڻ لاءِ ڏنو هو.

واقعي بعد پوليس زبيده جو لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو.

پوليس موجب قربان ابڙو پاڻ کي پستول سميت پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.

Share This Article
Leave a Comment