راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيا، جن دوران فتنہ الہندوستان سان لاڳاپيل 17 دهشتگردن کي ماريو ويو.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب اهي آپريشن 24 مئي واري ٽرين واقعي کان پوءِ مستونگ، نوشڪي، زهري، خضدار ۽ ڪيچ وارن علائقن ۾ ڪيا ويا.
دهشتگردن جي مارجي وڃڻ سان انهن علائقن ۾ سرگرم دهشتگرد نيٽ ورڪن کي وڏو نقصان پهتو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ماريل دهشتگردن وٽان هٿيار، وڏي مقدار ۾ ڌماڪيدار مواد ۽ آءِ اي ڊيز هٿ ڪيون ويون آهن. اهي دهشتگرد علائقي ۾ ٿيندڙ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هئا. انهن علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن اڃا جاري آهن.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته ملڪ گير دهشتگردي خلاف ڪارروايون شدت سان جاري رهنديون ۽ ملڪ مان ٻاهرين سهائتا حاصل ڪندڙ دهشتگردي جي خطري جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو.


