ٿرڪول ۾ 80 سيڪڙو نوڪريون مقامي ماڻهن کي ڏنيون آهن: بلاول ڀٽو جي دعويٰ

3 Min Read

اسڪردو ( ويب ڊيسڪ )  پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسڪردو ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته ايران تي جنگ سبب عالمي ۽ علائقائي سطح تي معاشي بحران پيدا ٿيو آهي ۽ پاڪستان جي امن لاءِ ڪوششن تي قوم کي فخر هجڻ گهرجي.

هن چيو ته گذريل چونڊن دوران گلگت بلتستان ۾ خوشي جو ماحول هو، پر هن ڀيري ايران ۽ فلسطين ۾ ٿيل جاني نقصان سبب سوڳ واري صورتحال آهي، تنهن ڪري اهڙين حالتن ۾ چونڊ مهم هلائڻ مناسب نه سمجهيو ويو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ئي اها سياسي جماعت آهي جيڪا غريب ۽ پسمانده طبقن جي نمائندگي ڪري ٿي.

هن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته اهو ملڪ جو واحد ادارو آهي جيڪو هر غريب جي گهر تائين پهچي ٿو، ان پروگرام خلاف ٿيندڙ سياسي سازشون ناڪام ٿينديون. هن اعلان ڪيو ته پيپلز پارٽي نه رڳو ان پروگرام جو تحفظ ڪندي پر ان جي فنڊن ۾ به واڌ ڪرائيندي.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جو بنياد ذوالفقار علي ڀٽو وڌو، جڏهن ته ميزائل ٽيڪنالاجي کي هٿي بينظير ڀٽو ڏني.

سندس چوڻ هو ته گلگت بلتستان کي سڃاڻپ ۽ نالو آصف علي زرداري جي دور ۾ مليو، جيڪڏهن 18هين آئيني ترميم جهڙا اختيار گلگت بلتستان کي به ڏنا وڃن ته علائقي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

بلاول چيو ته اسلام آباد کي اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته گلگت بلتستان جا وسيلا اتان جي عوام جا آهن، ۽ حقيقي ترقي تڏهن ئي ممڪن ٿيندي جڏهن مقامي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن تي حق حاصل هوندو. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو عوام دوست حڪومت چونڊين.

هن سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ لکين خاندانن لاءِ گهر تعمير ڪيا پيا وڃن ۽ انهن گهرن سان گڏ مالڪي جا حق پڻ ڏنا پيا وڃن.

سندس چوڻ هو ته ان منصوبي سان لکين ماڻهن کي روزگار جا موقعا مليا آهن. هن دعويٰ ڪئي ته ڪراچي ۾ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جو علاج مڪمل طور مفت مهيا ڪيو پيو وڃي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سي پيڪ جو سڀ کان ڪامياب منصوبو ٿر ڪول آهي، جتي 80 سيڪڙو نوڪريون مقامي ماڻهن کي ڏنيون ويون آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جو مقصد ماڻهن کي روزگار فراهم ڪري معاشي طور مضبوط بڻائڻ آهي، جڏهن ته ٻين پارٽين جون پاليسيون عوام جي ڀلائي بدران محدود طبقن کي فائدو پهچائين ٿيون

Share This Article
Leave a Comment