جيڪب آباد ۾ اي سي کي باهه لڳڻ سبب عورت سڙي فوت

1 Min Read

جيڪب آباد (رپورٽ حاڪم علي) جيڪب آباد سٽي ٿاڻي جي حد ۾ شڪارپور حويلي جي رهواسي وشال ڪمار جي گهر ۾ افسوسناڪ حادثو پيش آيو، جتي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب ڪمري ۾ لڳل ايئر ڪنڊيشنر (اي سي) کي اوچتو باهه لڳي وئي.

اطلاعن موجب باهه لڳڻ سبب ڪمري ۾ موجود وشال ڪمار جي گهرواري سمرن ڪماري باهه جي لپيٽ ۾ اچي وئي ۽ سڙي فوت ٿي وئي.

حادثي کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن سميت علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇانئجي وئي. پوليس واقعي بابت وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

Share This Article
Leave a Comment