جيڪب آباد ۾ ڌارين جي نيڪالي لاءِ ايس ٽي پي جو احتجاج، ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو

2 Min Read

جيڪب آباد: (حاڪم علي) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) پاران ڌارين جي نيڪالي لاءِ احتجاجي ريلي ڪڍي ڊي سي آفيس جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو.

ترقي پسند هائوس کان ضلعي صدر عبدالمجيد سرڪي، نظام مستوئي ۽ عبدالغفور ٻرڙي جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ وڏي انگ ۾ پارٽي ڪارڪنن ۽ شهرين شرڪت ڪئي. مظاهرين مختلف رستن تان مارچ ڪندي ڊي سي آفيس پهتا، جتي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ڪشمور کان ڪراچي تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڌارين جي وڏي انگ ۾ موجودگي آهي، جڏهن ته حڪومت افغانين جي نيڪالي لاءِ قدم کڻڻ جون دعوائون ڪري رهي آهي، پر عملي طور ڪيترن ئي ڌارين کي ڇوٽ مليل آهي.

هنن الزام هنيو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر سميت ٻين وڏن ۽ ننڍن شهرن ۾ ڌاريا کليل نموني ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ ضلعي انتظاميا جون ڪارروايون رڳو ڏيکاءُ تائين محدود آهن.

اڳواڻن جو چوڻ هو ته جيڪب آباد ۾ به افغان شهري ڪاروبار ڪري رهيا آهن ۽ سندن موجودگي سبب ملڪ جا مسئلا وڌي رهيا آهن.

ايس ٽي پي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سڄي ملڪ، خاص ڪري سنڌ مان افغان، برمي ۽ بنگالي پرڏيهي شهرين بابت قانون موجب ڪارروائي ڪري کين نيڪالي ڏني وڃي.

Share This Article
Leave a Comment