اسلام آباد: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيليويزن (پي ٽي وي) جي اڳوڻي نيوز ڪاسٽر ۽ نامياري سماجي شخصيت جهان آرا معين اسلام آباد ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
جهان آرا معين 1973ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن نيوز سان پنهنجي پيشيوراڻي سفر جي شروعات ڪئي، جتي شروعاتي ڏينهن ۾ هوءَ انگريزي خبرن جي پسمنظر واري تبصري سان لاڳاپيل رهي. بعد ۾ پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي هوءَ پي ٽي وي جي باقاعده نيوز ڪاسٽر بڻجي وئي.
هوءَ 1999ع تائين پي ٽي وي نيوز سان لاڳاپيل رهي ۽ خبرن جي صحيح ادائيگي، بهترين لهجي ۽ پيشيوراڻي انداز سبب سڃاتي ويندي هئي. هوءَ موجوده معاملن تي گهري نظر رکڻ ۽ خبرن جي تياري ۾ محنت لاءِ پڻ مشهور هئي.
جهان آرا معين تدريس جي شعبي ۾ به خدمتون انجام ڏنيون ۽ مختلف يونيورسٽين ۾ وزٽنگ فيڪلٽي ميمبر طور پڙهائيندي رهي. ان کان سواءِ هوءَ گڏيل قومن، ورلڊ بئنڪ، يونيسڪو ۽ يو اين ڊي پي سميت عالمي ادارن سان صلاحڪار طور به لاڳاپيل رهي.
سندس لاڏاڻي تي صحافتي، سماجي ۽ تعليمي حلقن ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي کيس باصلاحيت نيوز ڪاسٽر، بهترين استاد ۽ سماجي خدمتن سان وابسته شخصيت قرار ڏنو، جنهن جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون.


