حيدرآباد (رپورٽر) هندو واپاري نريش ڪمار جي قتل ڪيس ۾ پوليس 2 مبينا جوابدارن وقاص مغل ۽ اسد کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ٽئين ساٿي جي گرفتاري لاءِ ڪارروايون جاري آهن.
پوليس موجب نريش ڪمار جي قتل جو ڪارڻ ڪاروباري ڏيتي ليتي جو تڪرار آهي. جوابدارن مبينا طور نريش ڪمار کي قتل ڪرائڻ لاءِ 10 لک رپين جي سپاري ڏني، جنهن مان 2 لک رپيا ادا ڪيا ويا هئا.
ٽيڪنيڪل ذريعن، گاڏي جي ٽريڪر ۽ موبائل فون ڊيٽا جي مدد سان جوابدارن تائين پهچڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي.


