حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو

1 Min Read

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔

پيٽروليم ڊويزن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيا جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 2 رپيا گهٽتائي ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔

پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق پيٽرول جي نئين قيمت 373 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي نئين قيمت 378 رپيا 78 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي۔

نئين قيمتن جو اطلاق فوري طور تي ڪيو ويندو ۽ اهي ايندڙ 10 ڏينهن تائين لاڳو رهنديون۔

Share This Article
Leave a Comment